اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ 8 ۽ 9 اپريل تي ٿيندڙ ”پاڪستان مائننگ انويسٽمينٽ فورم“ جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، گهرو وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي فورم جي مقصدن، دائره ڪار، پروگرام ۽ ٻين لاجسٽڪ انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته اها تقريب پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي جي شعبي کي نئين شڪل ڏيندي، غيرملڪي تعاون کي فروغ ۽ عالمي حصيداري کي مضبوط ڪندي. هن پيٽروليم واري وزارت ۽ ٻين ڌرين کي ان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.