واشنگٽن- 26 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيشنل پبلڪ ريڊيو (اين پي آر) ۽ پبلڪ براڊ ڪاسٽنگ سروس (پي بي ايس) تي انتهائي تعصبي هجڻ جو الزام لڳائيندي ان لاءِ وفاقي فنڊنگ ۾ ڪٽوتي جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته هو ان لاءِ وفاقي فنڊنگ ۾ ڪٽوتي جو خواهشمند آهي ۽ مون لاءِ ان کي ختم ڪرڻ فخر جوڳو هوندو. هن چيو ته اهو سمورو پئسو ضايع ٿي رهيو آهي ۽ انهن ادارن جو موقف اڪثر ڪري تعصبي آهي.