اسلام آباد- 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن (اسپارڪو) سائنسي تجزين، فلڪياتي ۽ جديد مشاهداتي ڊيٽا جي بنياد تي 1446هجري جي شوال جو چنڊ 30 مارچ تي نظر اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اسپارڪو طرفان اربع ڏينهن جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته فلڪياتي ماڊلز موجب شوال جو نئون چنڊ 29 مارچ تي پاڪستان جي معياري وقت موجب 3 لڳي 58 منٽن تي جنم وٺندو تنهن هوندي به چنڊ جو دارو مدار اهم عملن جهڙوڪ چنڊ جي عمر، سج کان فاصلي، سج لهڻ جي وقت بلندي ۽ ماحولياتي حالتن تي هوندو. 30 مارچ تي (29 رمضان) لاءِ پاڪستان ۾ سائنسي تجزيي موجب سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر اٽڪل 27 ڪلاڪ، چنڊ ۽ سج جو زاويائي فاصلو اٽڪل 16 ڊگري، سج لهڻ جي وقت چند جي بلندي اٽڪل 14 ڊگري، روشني 2 سيڪڙو ۽ چنڊ نظر اچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته چنڊ انساني اک سان آساني سان نظر ايندو. بيان موجب انهن سائنسي پئمانن کي نظر ۾ رکندي 30 مارچ تي پاڪستان ۾ چنڊ نظر اچڻ جو امڪان روشن آهي. تنهن ڪري رمضان جا 29 ڏينهن مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي ۽ عيدالفطر جو پهريون ڏينهن 31 مارچ تي ملهايو ويندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سعودي عب ۾ 29 مارچ تي چنڊ جي نظر اچڻ جا امڪان اٽڪل نه هجڻ جي برابر آهن ڇاڪاڻ ته مڪي شريف ۾ سج لهڻ جي وقت چنڊ جي عمر اٽڪل 5 ڪلاڪ هوندي. ان ڏس ۾ سعودي عرب ۽ وچ اوڀر ۾ چنڊ 30 مارچ تي نظر ايندو ۽ اتي به عيدالفطر 31 مارچ تي ملهائي ويندي. اسپارڪو موجب جيتوڻيڪ عيدالفطر جي موقعي تي چنڊ ڏسڻ جو فيصلو چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي ذميواري آهي تنهن ڪري چنڊ ڏسڻي ڪميٽي سڄي ملڪ مان ملندڙ شاهدين جو جائزو وٺي شوال 1446هجري جو باقاعدي اعلان ڪندي.