اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي سفارش تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو ماپو بجلي صارفين جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ، پاور ڊويزن جي سفارش تي سي پي پي اي کي بيگاس تي هلندڙ پاور پلانٽس سان معاهدن کي نظرثاني ٿيل شرطن موجب صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي وسل بلوئر پروٽيڪشن اينڊ وجيلينس ڪميشن ايڪٽ 2025ع جي اصولي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي وچ ۾ ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسليٽي جي ريويو جي حوالي سان اسٽاف ليول معاهدي ۽ ماحولياتي تبديلي جي خلاف پاڪستان جي معاونت جي لاءِ 1.3 ارب آمريڪي ڊالرز جي فنڊز جي حوالي سان معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان 7 ارب آمريڪي ڊالرز جي پهرين اسٽاف ليول معاهدي تي نظرثاني مڪمل ٿي چڪي آهي، انهن معاهدن جي ذريعي آءِ ايم ايف پاڪستاني معيشت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف گذريل 18 مهينن دوران ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي بحالي جي حوالي سان اڳڀرائي، مالي صورتحال جي بهتري ۽ ناڻي واڌ 2025ع کانپوءِ پنهنجي گهٽ ترين سطح تي اچڻ ۽ معيشت ۾ استحڪام تي پاڪستان جي تعريف ڪئي آهي، آءِ ايم ايف معيشت ۾ سڌارن ۽ گورننس ۾ بهتري جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن ۽ عزم کي پڻ ساراهيو آهي جيڪو خوش آئنده آهي. وزيراعظم انهن معاهدن جي حوالي سان ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته انهن معاهدن سان پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ۽ ان کي ڊگهي مدي واري بحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مدد ملندي، حڪومت ٽيڪس سڌارن، توانائي جي شعبي جي بهتر ڪارڪردگي ۽ نجي شعبي جي ترقي جهڙن اهم شعبن جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، گذريل هڪ سال ۾ مثبت معاشي انگ اکر حڪومت جي مثبت پاليسين جو مظهر آهن، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي حڪمت عملي، موثر ڪارڪردگي ۽ ان حوالي سان پائيدار منصوبابندي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ رمضان المبارڪ جي برڪتن واري مهيني ۾ اسان کي پاڪستان جي نعمت سان نوازيو اسان کي گڏجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. بيان موجب وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي سفارش تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو ماپو صارفين جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي سفارش تي سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) کي بيگاس تي هلندڙ پاور پلانٽس سان معاهدن کي نظرثاني ٿيل شرطن موجب صحيحون ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي وسل بلوئر پرويڪشن اينڊ ويجيلنس ڪميشن ايڪٽ 2025ع جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي حدن ۾ انڪم ٽيڪس، سروسز تي سيلز ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽيز ۾ وڌيڪ ترميمن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي، اهي ترميمون ريسورس موبلائيزيشن ۽ يوٽيلائيزيشن ريفارم پروگرام جي حوالي سان پاليسي ايڪشنز جي طور تي ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان ڪجهه ترميون 2023ع ۽ 2024ع ۾ ڪيون ويون آهن. وفاقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي ڪل وقتي استادن ۽ محققين جي آمدني تي ٽيڪس ريبيٽ جي بحالي جي حوالي سان انڪم ٽيڪس (سيڪنڊ امنڊمنٽ) بل 2025ع جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 11 مارچ 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 مارچ 2025ع ۽ 21 مارچ 2025ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي جڏهن ته وفاقي ڪابينا اي سي سي جي منظور ٿيل سولر نيٽ ميٽرنگ ريگيوليشنز بابت مشاورت جي دائري کي وسيع ڪرڻ ۽ سمورين ڌرين کان وڌيڪ راءِ وٺڻ کانپوءِ سفارشن کي ڪابينا کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.