اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي نويد اڪبر جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ نويد اڪبر ۽ ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته نويد اڪبر جي والد جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته والدين قدرت جو انمول تحفو آهن، انهن جو وڇڙي وڃڻ وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.