بوا- 26 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جامع عالمي معيشت ۾ مزاحمت، غير منصفاڻي واپاري طريقيڪار ۽ مارڪيٽ تائين رسائي ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته جامع عالمي معيشت جي چونڊ نه پر اها ضرورت آهي، پاڪستان جهڙا ڪيترائي اسرندڙ ملڪ اهڙو عالمگيريت ماڊل چاهين ٿا جيڪو منصفاڻي واپار، پائيدار ترقي ۽ منصفاڻي مالياتي نظام کي هٿي وٺرائي. اهڙو اظهار هن ايشيا بابت بوا فورم جي سالياني ڪانفرنس 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير سڀني لاءِ جامع عالمي معيشت لاءِ راهه ۽ قدمن جي موضوع تي اهم خطاب ڪيو ۽ ان حوالي سان اهم معاملن تي روشني وڌي. هن منصفاڻي مارڪيٽ تائين پهچ، علائقائي رابطن ۾ اضافي ۽ جامع عالمي معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مضبوط گهڻ رخي تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير چيو ته جامع عالمي معيشت ۾ مزاحمت غير منصفاڻي واپاري طريقيڪار ۽ مارڪيٽ تائين پهچ ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جامع عالمي معيشت هڪ چونڊ نه پر هڪ ضرورت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي معيشت بنا شڪ جي معاشي ترقي کي اڳتي وڌايو آهي ، تنهن هوندي به هاڻي به انتهائي اڻبرابري ۽ ٽڪرن ۾ ورهايل آهي، اهڙي معيشت جو وڌيڪ فائدو ترقي يافته معيشتن کي ٿئي ٿو جڏهن ته ڏکڻ جي ملڪن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ ٽيڪسن ۽ واپاري پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جيڪي کين عالمي معيشت ۾ شامل ٿيڻ کان روڪين ٿيون. محمد اورنگزيب پنهنجي خطاب ۾ شموليتي واپار لاءِ عالمي اتحاد جي جوڙجڪ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته اسرندڙ ملڪن کي اجتماعي طور تي منصفاڻي واپاري اصولن ۽ عالمي مالياتي ادارن ۾ بهتر نمائندگي جي مطالبي لاءِ اتحاد بڻائڻ گهرجي. ٽيڪنالاجي جي اهميت تي زور ڀريندي هن چيو ته ٽيڪنالاجي کي برابري جو ذريعو بڻائڻ گهرجي، حڪومتن ۽ عالمي ادارن کي اسرندڙ معيشتن ۾ ڊجيٽل شموليت جي حمايت لاءِ عالمي سطح تي مصنوعي ذهانت ۽ فن ٽيڪ فنڊز قائم ڪرڻ گهرجن. ناڻي واري وزير چيو ته قرضن جي معافي ۽ مالياتي انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ گروپ 20 ۽ آءِ ايم ايف کي خودمختيار قرض جي نظام کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ گهرجي. معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ واري قرض جي بحرانن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. استحڪام کي هڪ بنيادي اصول طور اختيار ڪرڻ گهرجي، ماحولياتي انصاف کي عالمگيريت جي پاليسين ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، اهڙي طرح اسرندڙ معيشتن کي مناسب ماحولياتي مالي امداد ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي آسان بڻائي وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته گڏيل مستقبل لاءِ متوازن عالمگيريت جي ضرورت آهي، تقريرن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جهڙا ڪيترائي اسرندڙ ملڪ اهڙو عالمگير ماڊل چاهين ٿا جيڪو منصفاڻي واپار، پائيدار ترقي ۽ منصفاڻي مالياتي نظام کي هٿي ڏي. دنيا کي گڏجي هڪ گهڻ رخي، پائيدار ۽ جدت تي ٻڌل عالمي معيشت جي تعمير ڪرڻ گهرجي، اهڙي معيشت جيڪا سمورن ملڪن کي ترقي ۽ خوشحالي جا موقعا فراهم ڪري، هڪ اسرندڙ معيشت طور پاڪستان کي مستقل واپاري عدم توازن، پرڏيهي قرضن جو دٻاءُ ۽ مالياتي پهچ جي کوٽ درپيش آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ۽ چين – پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جهڙن قدمن واپار جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو آهي. پاڪستان جي حڪومت بنيادي اقتصادي ڍانچي کي بهتر بڻايو آهي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪيا آهن. پاڪستان ڊجيٽل پاڪستان قدمن جي شروعات ڪئي آهي، منصوعي ذهانت، فن ٽيڪ ۽ ڊجيٽل واپار ۾ مضبوط عالمي تعاون جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته عالمي اي – ڪامرس جي توسيع پاڪستان جي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن ((SMEs کي بااختيار بڻائي سگهي ٿي ۽ جامع اقتصادي شرڪت کي اڳتي وڌائي سگهي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحول لاءِ نقصان ڏيندڙ گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي تنهن هوندي به موسمياتي تبديلي جي لحاظ کان 10 کان وڌيڪ خطري جي ور چڙهيل ملڪن ۾ شامل آهي.