اسلام آباد-24 مارچ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ پاڪستان ۾ نيڊرلينڊ جي سفير هيني فوڪل ڊي وريز وچ ۾ ٻه طرفي واپاري سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ زراعت، ٽيڪنالاجي، ماهيگيري ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. واپار واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جي ايس پي پلس کان علاوه به واپاري موقعن کي به وڌايو وڃي ۽ زراعت ۽ صنعتي جدت ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا تلاش ڪيا وڃن. سفير زراعت ۾ ڊچ مهارت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ پاڻي وسيلن جي انتظام تي روشني وڌي ۽ امڪاني ڀائيواريءَ تي راضپو ظاهر ڪيو. يورپي يونين پاڪستان بزنس فورم کي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور بحث هيٺ آندو ويو. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان جي نيڊرلينڊ کي روانگي واپار مالي سال 24-2023ع ۾ 1.48 ارب آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو جنهن ۾ ٽيڪسٽائل، چانور ۽ الڪوحل شامل آهن. ملاقات ۾ ماهيگيري ۽ زراعت ڳالهه ٻولهه جو موضوع رهيو. هن پاڪستان نيڊرلينڊ سان جديد زراعت، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل حل ۽ـ ڪراچي فش هاربر کي يورپي معيار موجب بنائڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي. واپار واري وزير پاڪستان جي ٽيڪسٽائل سيڪٽر ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني ۽ پُراڻي مشينري کي جديد بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سفير صنعتن جي ترقيءَ لاءِ ڊچ ايف ايم او فنڊنگ جا موقعا تلاش ڪرڻ جي تجويز ڏني، واپار واري وزير نيڊرلينڊ طرفان فني پروگرامن جهڙوڪ پي يو ايم ۽ سي بي آءِ کي ختم ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي ۽ ان پروگرام ۾ واپاري صلاحيتن کي مضبوط بنائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ڊچ جي پرڏيهي ۽ واپار واري وزير کي پاڪستان جي دؤري جي، آءِ ٽي، زراعت ۽ تجديد جوڳي توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪارن سان گڏ اچڻ جي دعوت ڏني.