اسلام آباد-24 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي اي بيڪر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ پائيدار لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان دوران پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، واپاري تعاون، سفارتڪاري، توانائي، موسمياتي تبديلي، زرعي شعبي ۾ حصيداري ۽ سيڪيورٽي تعاون جهڙا اهم معاملا بحث هيٺ آيا. سينيٽ چيئرمين چيو ته آمريڪا پاڪستان جو پُراڻو حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ستن ڏهاڪن تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي حيثيت سان هن 2008ع ۾ آمريڪي صدر جارج بش ۽ 2012ع ۾ صدر براڪ اوباما سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. سيد يوسف رضا گيلاني جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو روانگي واپار جي مارڪيٽ آهي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ توانائي، بنيادي ڍانچي سميت ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڌيڪ آمريڪي سيڙپڪاري ضروري آهي. هن چيو ته ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ سان ٻنهي معيشتن کي فائدو ٿيندو ۽ ترقيءَ جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موسمياتي تبديلي،توانائي ۽ زراعت ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل طور جديد ٽيڪنالاجي ۽ پائيدار ترقيءَ جي منصوبن تي ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ پاڪستان جون قربانيون دنيا آڏو آهن، عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو. خطي ۾ امن لاءِ پاڪ- آمريڪا تعاون وقت جي اهم ضرورت آهي. ملاقات ۾ پارلياماني سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ان کان علاوه بائيو ٽيڪنالاجي، خلائي تحقيق ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي امڪانن ۾ به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. سينيٽ چيئرمين چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري هڪ اهم اثاثو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ڏئي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائي سگهجي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي اقتصادي ترقيءَ جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته جديد زراعت، حياتياتي نواڻ ۾ آمريڪا سان حصيداري وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن غذائي تحفظ ۽ زرعي پيداوار ۾ بهتري آڻي سگهجي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون آهن. ٻنهي ملڪن جا سفارتي مشنز ان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موسمياتي تبديليءَ جي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قدم ضروري آهن، ان حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ گهرجي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي ۽ گڏيل تعاون سان ترقيءَ جا نوان موقعا پيدا ڪيا وڃن. ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ سفارتي لاڳاپن کي بهتري لاءِ مسلسل رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.