اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ افغانستان سان لاڳاپن بابت اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي محمد صادق پنهنجي ڪابل جي تازي دوري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ افغان عملدارن سان اهم مصروفيتن ۽ ٻطرفي تعاون تي ڳالهه ٻولهه تي روشني وڌي. نائب وزيراعظم پاڪستان جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان مسلسل ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيه سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.