اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رمضان پئڪيج گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت پوري ملڪ ۾ بنا فرق جي متعارف ڪرايو ويو آهي، رمضان ريليف پئڪيج ۾ پئسا مستحقين تائين ڊيجيٽل والٽ جي انتهائي آسان ۽ شفاف نظام جي ذريعي پهچايا پيا وڃن، ان ماڊل کي ٻين حڪومتي اسڪيمن ۾ اختيار ڪيو وڃي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرائيم منسٽر رمضان ريليف پئڪيج 2025ع جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائن جي هدايت ڪندي چيو ته ان پئڪيج کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ، نادرا ۽ ٽيڪ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته رمضان پئڪيج پوري پاڪستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي متعارف ڪرايو ويو آهي، رمضان ريليف پئڪيج ۾ پئسا مستحقين تائين ڊيجيٽل والٽ جي انتهائي آسان ۽ شفاف نظام جري ذريعي پهچايا پيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ماڊل کي ٻين حڪومتي اسڪيمن ۾ پڻ اختيار ڪيو وڃي ۽ رمضان ريليف پئڪيج جي حوالي سان ٽيليڪام ڪمپنين ۽ بئنڪن پاران هلائي ويندڙ آگاهي مهم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ ان حوالي سان هڪ جامع رپورٽ جوڙي وڃي. ان موقعي تي اجلاس کي رمضان ريليف پئڪيج 2025ع جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هيستائين 63 سيڪڙو مستحقين کي رقم پهچائي وئي آهي، اهڙا سمورا مستحق ماڻهو جن کي رقم ملي چڪي آهي انهن جا سمورا دستاويزي تفصيل موجود آهن، وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج جي حوالي سان 2224 ملازم ڊيوٽي تي مقرر آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته رمضان ريليف پئڪيج جي حوالي سان هيستائين ڏيڍ ملين کان وڌيڪ مستحقين کي ٽيليفون ڪالز ڪيون ويون آهن. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، نادرا چيئرمين، پي ٽي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن ۽ رمضان ريليف پئڪيج جي حوالي سان معاون نجي ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 16:03