تل ابيب – 24 مارچ (اي پي پي) اسرائيل جي اڪنامڪ افيئرز ڪميٽي ملڪ جي ڏاکڻي علائقي ۾ نئين عالمي هوائي اڏي جي تعمير جي منظوري ڏني آهي، اهو هوائي اڏو غزه سرحد ويجهو هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو هوائي اڏو نيواتم ۾ قائم ڪيو ويندو جيڪو غزه کان رڳو 65 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ هڪ ڪلاڪ کان به گهٽ وقت ۾ ان هوائي اڏي ذريعي غزه پهچي سگهجي ٿو. ان ايئر بيس کي گذريل سال آڪٽوبر ۾ ايران جي ميزائل حملي ۾ نشانو بڻايو ويو هو. ڄاڻايل نئون هوائي اڏو تل ابيب ۾ 132 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي هوندو ۽ ان جي تعمير ۾ 7 سال لڳندا جڏهن ته اهو ڏيڍ ڪروڙ مسافرن کي ساليانو اچ وڃ جي سهولت ڏئي سگهندو. ٻڌايو ويو آهي ته اهو منصوبو تل ابيب جي بين گورين هوائي اڏي جي ٽريفڪ کي بهتر ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت کي ترقي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ماڻهن کي ملازمتون ملنديون . ان هوائي اڏي جي اسرائيلي فوج ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ مخالفت ڪئي هئي ته فوجي اڏي ويجهو هڪ عالمي ايئر پورٽ تعمير نه ڪيو وڃي. خيال رهي ته اسرائيل جو بين گورين ايئر پورٽ اسرائيل جو سڀ کان وڏو عالمي گيٽ وي آهي جتان ساليانو 4 ڪروڙ مسافر سفر ڪري سگهندا. اڪنامڪ ڪميٽي ٻڌايو 2050ع تائين ساليانو 8 ڪروڙ مسافر هوائي اڏي تان پنهنجي اچ وڃ ممڪن بڻائي سگهندا.