اسلام آباد -23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته آزادي بي پناهه قربانين کان پوءِ ملي آهي ۽ ان جي آزادي جو تحفظ هڪ وڏي ذميواري آهي، جنهن لاءِ سموري قوم ۽ هٿياربند فوج هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي قومي ٽي وي چينلز تي سڌي ريت نشر ٿيل پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پريڊ کي خطاب ڪندي صدر چيو ته اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو ڏنل نصب العين آهي جنهن سان ماضي ۾ هر آزمائش تي پورا لٿا آهيون ۽ اسان سمورن پرڏيهي ۽ اندروني دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏنو. صدر مملڪت تاريخي ڏينهن تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته 23 مارچ قوم لاءِ هڪ اهم ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ جي ڏينهن اسان قائداعظم جي اڳواڻي ۾ آزادي هاصل ڪئي ۽ علامه اقبال جي خواب جي تعبير ممڪن ٿي. هن چيو ته آزادي لاءِ لکين مسلمانن قرباني ڏني ۽ خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪيو. اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان جي تخليق جو مقصد برابري، انصاف ۽ قانون جي حڪمراني جي اصولن تي ٻڌل جديد فلاحي رياست قائم ڪرڻ هو ۽ اسان ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جو عهد ڪيون ٿا ۽ انهي جذبي سان اڄ جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته ڀارت پاڪستان کي هميشه ميري اک سان ڏسي ٿو، فتنه الخوارج ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون پنهنجا ناپاڪ عزم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن، صدر مملڪت واضح ڪيو ته پاڪستان جو عوام ۽ هٿياربند فوج متحد آهن ۽ دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناپاڪ بڻائيندا. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، اعليٰ فوجي آفيسرن، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته پنهنجي نوجوان نسل ۾ نفرت ۽ مايوسي ڦهلائڻ جي ڪوششن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ففٿ جنريشن ۽ فيئر هڪ چئلينج جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. هن چيو ته اسان ڏکيائين تي ضابطو آڻڻ جي صلاحيت رکون ٿا. اسان هڪ باحوصلا قوم آهيون ۽ چئلينجز سان نه جهڪنداسين، هن چيو ته اسان کي قوم جي توانائي ۽ صلاحيتن تي اعتماد آهي ۽ اسان ڏکيائين کان ڪڏهن به نٿا گهٻرايون. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سمورن اندروني ۽ پرڏيهي سازشن باوجود پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جو عمل جاري رهندو. هن چيو ته پاڪستان کي جاگرافيائي ۽ سياسي مسئلا درپيش آهن جڏهن ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج عوام سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي تمام گهڻيون قربانيون ڏئي رهي آهي. صدر مملڪت دفاع کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، زراعت سميت اقتصادي شعبن کي هٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته اسان پنهنجي سرحدن جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، معيشت، زراعت مستحڪم ڪنداسين ۽ توانائي جو تحفظ به ڪنداسين. صدر مملڪت آصف علي زرداري قوم جي نوجوانن کي قوم جو اثاثو قرار ڏيندي کين تحقيق تي ٻڌل تعليم ۽ جديد ترين فني تربيت سان ليس ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته اسان پنهنجي نوجوان نسل لاءِ روزگار پيدا ڪنداسين، ڇو جو نوجوان اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. هن سمورن صوبائي حڪومتن تي زور ڀريو ته بنيادي صحت ۽ سماجي ڀلائي جي قدمن تي ڌيان ڏين. هن چيو ته اهو سفر ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته اصل طاقت قوم وٽ آهي، عزم، محنت ۽ حب الوطني جي جذبي هميشه اڳتي وڌايو آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي استحڪام ۽ امن کي يقيني بڻائڻ تي ٻڌل آهي ۽ اسان پنهنجي پاڙيسرين ۽عالمي برادري سان گڏيل احترام ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا چاهيون ٿا. آصف علي زرداري بي مثال قربانيون ڏيڻ تي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي، انهن جي عزم ۽ بهادري کي سلام پيش ڪيو. صدر مملڪت چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي ناهي وساريو، جيڪي ڊگهي عرصي کان ڀارت جي رياستي دهشتگردي جو شڪار آهن. صدر مملڪت انهن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندن بي مثال قربانين کي سلام پيش ڪيو. صدر مملڪت ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق لاءِ سمورن عالمي فورمز تي آواز اٿاريندو رهندو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل کي يقيني بڻائي ته جيئن ڪشميري پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري سگهن. صدر مملڪت فلسطينين سان پاڪستان طرفان يڪجهتي ۽ سندن خوداراديت واري حق لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو ۽ عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ فوري فيصلائتا قدم کڻي ۽ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ڪنهن به پرڏيهي دخل اندازي کان سواءِ فلسطينين کي پنهنجي وطن ۾ مڪمل آزادي سان پنهنجي مستقبل ۽ خودمختياري جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي. صدر آصف علي زرداري قوم کي اپيل ڪئي ته مادر وطن جي قيام جي حقيقي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن ۽ صدر مملڪت قوم جي خوشحالي، اتحاد ۽ طاقت لاءِ دعا ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام جي ثابت قدمي، محنت ۽ حب الوطني هميشه ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍيو آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري قوم کي اپيل ڪئي ته پنهنجون سموريون توانايون ملڪ جي ترقي لاءِ وقف ڪن. اختلافن کان مٿانهون ٿي هڪ خوشحال ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪن. هن چيو ته مايوسي ۽ ناڪاري سوچ کي ختم ڪري اتحاد، سچائي ۽ اميد کي اختيار ڪرڻو پوندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي عزت ۽ عظمت ۽ سربلندي جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري.صدر مملڪت شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي پريڊ ڪمانڊر کي ساراهيندي چيو ته يوم پاڪستان جي تقريب هڪ مستحڪم پاڪستان، قومي يڪجهتي ۽وقار جو منظر پيش ڪري رهي آهي. تقريب دوران پاڪ فضائيه طرفان شاندار فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو ويو. شيردل، ميراج، ايف-16، جي ايف 17 ٿنڊر ۽ جي10 سي جي مختلف فارميشنز شاندار رفتار سان آسمان کي چيريندي حيرت انگيز فضائي مظاهرا ڪيا. ان کان اڳ صدر مملڪت پريد ۾ حصو وٺندڙ هٿياربند فوج جي چست جٿن جو معائنو ڪيو. کيس صدارتي سلامتي ڏني وئي جڏهن ته قومي ترانو به وڄايو ويو. صدر مملڪتي رواتي صدارتي بگي ۾ گهوڙن تي سوار پنهنجي محافظن سان پنڊال پهتو هو. ان موقعي تي فوجي بينڊ قومي ترانن تي ٻڌل موسيقي جون شاندار ڌنون پيش ڪيون.