ڍاڪا – 24 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين تميم اقبال کي هڪ ميچ دوران دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق بنگلاديش جي اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال کي گذريل ڏينھن ڍاڪا پريمئير ڊويزن ڪرڪيٽ ليگ جي ميچ دوران سيني ۾ سخت سور پوڻ سبب کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.اسپتال جي ذريعن مطابق بي سي بي جي چيف ميڊيڪل آفيسر ديباشيس چوڌري تصديق ڪئي آهي ته ھاڻي سندس حالت بھتر ٿي رھي آھي.