لاهور-23 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ پڻ پاڪستان جو ڏهاڙو وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو. يوم پاڪستان جي موقعي تي لاهور ۾ شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن دوران ايئر فورس جي چست جٿي پنجاب رينجرز جي جاءِ تي مزار اقبال تي گارڊز جا فرض سنڀاليا. گارڊز جي تبديلي جي تقريب ۾ سول ۽ عسڪري عملدرن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب جو خاص مهمان ايئر وائس مارشل اختر عمران سدوزئي هو. هن پريڊ جو معائنو ڪيو جڏهن ته ايئر فورس ۽ رينجرز جي چست جٿي کيس سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي هوائي فوج جي جوانن الله اڪبر ۽ پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳايا. تقريب جي خاص مهمان ايئر وائس مارشل اختر عمران سدوزئي مزار اقبال تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا. ان موقعي تي وطن عزيز جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون.