اسلام آباد-23 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته يوم پاڪستان وطن جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي. قائد اعظم محمد علي جناح جي بصيرت ۽ علامه اقبال جي فڪر جي روشني ۾ وطن عزيز کي هڪ جديد، جمهوري، ترقي يافته ۽ فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪرڻيون پونديون. چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني 23 مارچ جي موقعي تي سينيٽ سيڪرٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ مان جاري ڪيل پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو. 23 مارچ 1940 تي ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڌار ۽ خودمختيار رياست جي قيام جو عهد ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته قرارداد پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ گڏيل منزل طرف گامزن ڪيو. هن چيو ته يوم پاڪستان اسان کي ان واعدي جي تجديد ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي رستي تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح جي بصيرت ۽ علامه اقبال جي فڪر جي روشني ۾ اسان کي پاڪستان کي هڪ جديد جمهوري ۽ ترقي يافته فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ سموريون توانائيون خرچ ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته جمهوريت جو استحڪام، آئين ۽ قانون جي بالادستي، قومي يڪجهتي، ادارن جي مضبوطي ذريعي پاڪستان کي مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ بڻائي سگهجي ٿو. سينيٽ چيئر مين چيو ته موجوده وقت جي گهرج آهي ته اسان گڏيل اتحاد کي هٿي وٺرايون ۽ سمورن اختلافن کي وساري ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام کي پنهنجي اولين ترجيح بڻايون. اسان کي پاڪستان کي دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعالي اسان جي پياري ملڪ کي هميشه امن استحڪام عطا ڪري ۽ ترقي جي نئين بلندين تي پهچائي.