سنگاپور-23 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي 85 هين قومي ڏينهن جي مناسبت سان پاڪستان هائوس سنگاپور ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن ۽ هاءِ ڪميشن جي عملي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق جهنڊو ڦڙڪايو، جنهن کانپوءِ صدر مملڪت ۽ وزيراعظم جا پيغام ترتيبوار ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سلمان محمود ۽ پريس ڪائونسلر اطهر زيب عباسي پڙهي ٻڌايا. هاءِ ڪمشنر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 23 مارچ اسان کي ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڌار وطن لاءِ جدوجهد ۽ قربانين جي ياد ڏياري ٿو، اسان کي پاڪستاني جهنڊي جو ڳاٽ اوچو رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سفير طور پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۽ پنهنجو ناڻو ملڪ موڪلي پاڪستان جي معيشت مضبوط بڻائڻ واري قدم جي تعريف ڪئي. تقريب جي پڃاڻي جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردي جي حملي سبب متاثرن ۽ انهن جي ڪٽنبن سميت پاڪستان جي سلامتي، استحڪام ۽ معاشي خوشحالي لاءِ دعائن سان ڪئي وئي.