لاهور-23 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ سان ون ڊي سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ جا 9 رانديگر نيوزيلينڊ روانا ٿي ويا. تفصيل موجب نيوزيلينڊ سان ون ڊي سيريز لاءِ ڪرڪيٽ اسڪواڊ جا 9 رانديگر نيوزيلينڊ روانا ٿي ويا. نيوزيلينڊ روانو ٿيل رانديگرن ۾ ڪپتان محمد رضوان، بابر اعظم ،عبدالله شفيق، امام الحق ،طيب طاهر، نسيم اشرف، وسيم جونيئر ۽ عاڪف جاويد شامل آهن. واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي جنهن جي پهرين ون ڊي 29 مارچ تي کيڏي ويندي.