اسلام آباد-23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان خلاف جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردن جي ناپاڪ عزم کي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف نوشڪي ۾ پوليس موبائل تي دهشتگردن جي حملي ۾ 4 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفس ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪندي واقعي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت به ڪئي. هن چيو ته ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي عظيم قربانيون سموري قوم جڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان خلاف جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي ڪڏهن به به ڪامياب نه ٿيڻ ڏيداسين، دهشتگرد بلوچستان جي ترقي ۽ امن جا دشمن آهن.