اسلام آباد/ برسلز -23 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ 2025ع تي ڀرپور ملي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ برسلز جي هڪ مقامي ريسٽورنٽ ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. برسلز مان گذريل ڏينهن مليل پريس رليز مطابق تقريب ۾ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پياري وطن سان پنهنجي مضبوط رشتي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. تقريب جو اهتمام پاڪستان اووسيز فورم بيلجيئم جي چيئرمين راجا محمد خالد ۽ ڪميونٽي جي گڏيل سهڪار سان وي آر پاڪستان فورم جي سربراهه فريد خان ڪيو هو. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن 23 مارچ 1940ع جي تاريخي قرارداد لاهور کي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن قيام پاڪستان جو بنياد رکيو. هن اڳواڻن ۽ عوام جي قربانين جي پختي عزم کي به اجاگر ڪيو جن ڌار وطن جو خواب حقيقت ۾ تبديل ڪيو. پاڪستان جي استحڪام ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار جو اعتراف ڪندي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن قوم جي سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ پاڪستاني فوج جي قربانين جو اعتراف به ڪيو. تقريب جي پڄاڻي امن، ترقي ۽ حب الوطني جي نظرين کي برقرار رکڻ جي تجديد عهد سان ٿي، جنهن سان پاڪستان کي چئلينجز جي مقابلي ۾ مضبوط ۽ وڌيڪ لچڪدار بڻايو ويندو.