اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن بابت مملڪتي وزير ارمغان سبحاني پنهنجي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو. ان موقعي تي وزارت جي اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي ۽ کيس وزارت جي مختلف شعبن، جاري ترقياتي رٿائن ۽ مستقبل جي پاليسين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم جي ترقياتي ويزن موجب قومي ترقياتي ايجنڊا کي پهرين ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته ملڪ ۾ جاري رٿائن جي وقت سر پڄاڻي، نجي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ معيشت کي مستحڪم بنيادن تي آڻڻ لاءِ ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اُڏام پاڪستان هڪ روشن ۽ ترقي يافته پاڪستان طرف هڪ اهم قدم آهي ۽ ان تحت طئي ٿيل هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بنايو ويندو. هن ملڪ ۾ جٽادار ترقي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ پيش ايندڙ چئلينجز کي مُنهن لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻڻ جي عزم کي ورجايو.