ڪراچي-19 مارچ (اي پي پي) پاڪ ۽ روسي بحريه وچ ۾ ٻه طرفي عريبين مون سون-4 مشق عربي سمنڊ ۾ منعقد ڪئي وئي. پاڪ بحريه طرفان جاري پڌرائيءَ موجب مشق ۾ روسي بحري جهازن کان علاوه پاڪ بحريه جي مختلف اثاثن خاص ڪري ڊسٽرائر، آف شور پيٽرول، ويسل، فاسٽ اٽيڪ ڪرافٽ (ميزائل)، ميري ٽائم پيٽرول ايئر ڪرافٽ ۽ يو اي وي حصو ورتو. پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن به مشق عريبين مون سون ۾ شرڪت ڪئي. مشق ۾ گهڻ رُخ بحري جنگ جي سيريلز شامل هيون جنهن جو مقصد گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ بحري سلامتي کي پيش ايندڙ خطرن خلاف گڏيل عزم جو اظهار هو. ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ روسي بحري جهازن جي قيام دوران ٻه طرفه جهازن جا دؤرا، هاربر ڊرلز ۽ ٽيبل ٽاپ دسڪشنز به ڪيون ويون. روسي بحريه جي نمائندن پاڪ بحريه جي سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ قائد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت به پيش ڪيو. اهم بحري ملڪن سان گڏ ميري ٽائم ڊومين ۾ گڏيل مشقون خطي ۾ پائيدار بحري سلامتي لاءِ پاڪ بحريه جي عزم جو مظهر آهن.