ڪراچي-19 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ چيني قونصل جنرل يانگ يونڊونگ ۽ عراقي قونصل جنرل ڊاڪٽر مهر مجاهد جيجان سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون آهن. ملاقات ۾ سيڙپڪاري، ترقياتي منصوبن ۽ سفارتي تعاون تي ڌيان ڏنو ويو، جنهن سان ٻنهي ملڪن سان سنڌ جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. چيني قونصل جنرل سان ملاقات ۾ وڏي وزير سي پيڪ تحت جاري ۽ ايندڙ منصوبن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي چيني صدر سان تازي ملاقات ترقي جا نوان رستا کوليا آهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي جلد ئي چين جي تعاون سان ڪيترن ئي پاڻي جي منصوبن جي شروعات ۽ شمسي توانائي جي منصوبن کي وڌائيندو. هن انهن اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ وڏن منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ چين جو دورو ڪرڻ جا پنهنجا منصوبا شيئر ڪيا. چيني قونصل جنرل يانگ يونڊونگ مختلف شعبن ۾ چيني سيڙپڪارن جي دلچسپي کي اجاگر ڪندي سنڌ ۾ سيڙپڪاري لاءِ چين جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌرين جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق ۾ اڳڀرائي تي پڻ بحث ڪيو. وڏيوزير چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چين سان مضبوط لاڳاپن کي ترجيح ڏئي ٿو، پرڏيهي وزير جي حيثيت سان سندس گذريل دورن کي ٻطرفي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم قرار ڏنو. هڪ ٻئي ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عراقي قونصل جنرل ڊاڪٽر مهر مجاهد جيجان جو استقبال ڪيو ۽ کيس سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن اهو پڻ چيو ته ٻن ڏهاڪن کانپوءِ ڪراچي ۾ عراقي قونصل خاني جو ٻيهر کولڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. ڊاڪٽر مهر مجاهد جيجان ويزائن ۽ قونصلر سروسز جي بحالي جو اعلان ڪيو جنهن سان زائرين ۽ سنڌ جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو. وڏي وزير سنڌ حڪومت پاران قونصل خاني جي ڪمن لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. پاڪستان ۽ عراق جي تاريخي لاڳاپن تي غور ڪندي عراقي قونصل جنرل چيو ته عراق پاڪستان ۾ قونصل خانو قائم ڪندڙ پهرين ملڪن مان هڪ هو. وڏي وزير ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي عراق سان مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ جي عزم کي ورجايو. ڊاڪٽر مهر مجاهد جيجان گرمجوشي سان استقبال لاءِ ٿو مڃيندي چيو ته ڪراچي گهر جيان محسوس ٿيو. هن ڪراچي ۽ نجف ۾ سڌي ريت اڏامن جي دستيابي جو پڻ اعلان ڪيو، جيڪو زائرين جي سفر کي آسان بڻائيندو. وڏي وزير ۽ عراقي قونصل جنرل نيڪ خواهشن ۽ گڏيل احترام سان رمضان جي مبارڪباد ڏني.