اسلام آباد / ڪوئيٽا – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪوئيٽا ۾ اهم اجلاس ٿيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي شرڪت ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صدر چيو ته دهشتگرد عنصرن کي هر قيمت تي شڪست ڏينداسين، دهشتگرد قوم کي ورهائڻ چاهين ٿا. صدر چيو ته ڳالهه چِٽي آهي ته رياست کي رهڻو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽڻي آهي، دهشتگردي جي خاتمي جي ونگ کي جديد هٿيار فراهم ڪنداسين. صدر آصف علي زرداري چيو ته بلوچستان دل جي ويجهو آهي، صوبي جي ترقي ۽ پائيدار امن چاهيون ٿا. هن چيو ته بلوچستان جي هر ٻار کي اسڪول ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا، جديد ٽيڪنالاجي کان ٻارن کي روشناس ڪرائڻ وقت جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ بلوچستان جي وقتي گورنر ڪيپٽن رٽائرڊ عبدالخالق اچڪزئي، چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان، آءِ جي پوليس معظم جاهه انصاري سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.