ڪوئيٽا – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ صوبائي وزيرن ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر امن امان بابت بريفنگ ۾ شرڪت ڪندو. صدر بلوچستان جي پارلياماني نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو.