گڏيل قومون – 19 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته 18 مارچ تي غزه تي اسرائيل جي ھوائي حملن ۾ 170 کان وڌيڪ ٻار شھيد ٿيا آھن. پرڏيھي خابرو اداري مطابق گڌيل قومن جي انساني رابطن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) چيو آھي ته غزه ۾ تازن اسرائيلي حملن ۾ شھيد ٿيل 404 ماڻھن مان 170 کان وڌيڪ ٻار ۽ 80 عورتون شامل آھن. اي سي ايڇ اي وڌيڪ چيو ته امدادي ڪارڪن ۽ ايمبولينس جي ڪارڪنن جي گاڏين ۽ ھيوي مشينري جي کوٽ سبب وڌيڪ زخمين تائين پھچي نٿا سگھون. گڏيل قومن جي ايجنسي زور ڀريو ته غزه ۾ 13 اسپتالون ۽ فيلڊ اسپتالون غير فعال آھن، 22 اسپتالون ۽ ڇھه فيلڊ اسپتالون جزوي طور تي ڪم ڪري رھيون آھن، چار فليڊ اسپتالون فعال آھن ۽ زمين تي قائم ڪا اسپتال مڪمل طور تي فعال ناھي. او سي ايڇ اي مطابق غزه شھر جي الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر صورتحال کي تباھه ڪن قرار ڏنو آھي جن ۾ فوتين جو تعداد تمام وڌيڪ آھي. غزه جي صحت واري وزارت مطابق 18 مارچ تي اسرائيلي فوج غزه پٽي تي وڏي پيماني تي حملا ڪيا جن جي نتيجي ۾ 400 کان وڌيڪ فلسطيني شھيد ۽ 560 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا آھن.