دبئي-19 مارچ(اي پي پي) گڏيل عرب امارات ۾ عيدالفطر جي موڪلن جي موقعي تي عرب ملڪن لاءِ هوائي ڪمپنين جي ڀاڙن ۾ 100 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عمان، قاهره، بيروت، اسڪندريه، دارالبيضا ۽ تيونس لاءِ هوائي ٽڪيٽن جي اگهن ۾ جنوري جي ڀيٽ ۾ غير معمولي اضافو ڏٺو پيو وڃي. سفري سياحت بابت ڪمپني جي ذميوارن جو چوڻ آهي ته عيد جي موڪلن تي امارات ۾ ترسيل پرڏيهين پاران ٽڪيٽن جي وڌندڙ طلب سبب اگهن ۾ به اضافو ٿيو آهي. امارات مان عرب ملڪن لاءِ هوائي ڪمپنين جي ٽڪيٽن ۾ 29 مارچ کان 4 اپريل تائين جي بڪنگ مُڪمل آهي جنهن جي ڪري ٽڪيٽن جا اگهه به تمام وڌي ويا آهن. امارات کان عمان لاءِ اگهه 2800 درهم تائين آهي. قاهره لاءِ 3500 ۽ اسڪندريه جو ڀاڙو 2700 درهم آهي. تيونس لاءِ هوائي ٽڪيٽ جو اگهه 5 هزار درهم تائين پهچي ويو آهي.