نيويارڪ – 19 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي انٽرنيٽ سرچ انجڻ گوگل ڪلائوڊ سيڪيورٽي پليٽ فارم (ويز) کي 32 ملين ڊالرن ۾ خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. ٻنھي ڪمپنين طرفان جاري گڏيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته ان معاھدي جي نتيجي ۾ ويز کي گوگل ڪلائوڊ آپريشن ۾ شامل ڪيو ويندو جنھن سان صارفين جي ڪلائوڊ استعمال جي صلاحيت وڌي ويندي، اھي معاھدا اي آءِ جي دور ۾ ھر قسم جي صارفين کي اينڊ ٽو اينڊ سيڪيورٽي پليٽ فارم فراھم ڪندا. بيان مطابق مصنوعي ذھانت سائبر سيڪيورٽي کي ھنگامي خطرن کان بچائڻ ۽ قومي سلامتي جي تحفظ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي. اھا خريداري گوگل يا ان جي مالڪ اداري طرفان ھن وقت تائين جي سڀ کان وڏي خريداري ھوندي. واضح رھي ته ويز جي سي اي او اسرائيلي ڄائو آمريڪي شھري آھي ۽ سندس اداري جون آفيسون آمريڪا جي ٽن شھرن سميت تل ابيب ۾ به آھن. ھن چيو ته معاھدي بعد ويز ھڪ گوگل ڪمپني طور تي ڪم ڪندي. ويز اڃا تائين ٻين مائيڪرو سافٽ يوزر ۽ ايما زون ويب سروسر جھڙين ڪمپنين کي خدمتون فراھم ڪري رھي آھي.