اسلام آباد/واشنگٽن-19 مارچ (اي پي پي) آمريڪي نيشنل آرڪائيوز آمريڪا جي اڳوڻي صدر جان ايف ڪينيڊي قتل بابت فائلن جو آخري حصو جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو قدم صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنوري ۾ جاري ڪيل هڪ انتظامي حڪم نامي کانپوءِ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪينيڊي، سندس ڀاءُ، اڳوڻي اٽارني جنرل رابرٽ ايف ڪينيڊي ۽ شهري حقن جي اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي قتل بابت باقي فائلن کي بنا ڪنهن ترميم جي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت موجب آرڪائيوز پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته صدر جان ايف ڪينيڊي جي قتل بابت باقي فائلن جي آخري کيپ جاري ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر جان ايف ڪينيڊي کي 1963ع ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو.