اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) پئٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ترڪمانستان جي سفير عطا جان موولاموف ملاقات ڪئي. پئٽروليم ڊويزن جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ملاقات ترڪمانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. ان موقعي تي سفير موولاموف، وفاقي وزير علي پرويز ملڪ کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ پائيدار ترقي لاءِ سندس قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ترڪمانستان جي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن خاص ڪري توانائي جي شعبي تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي ۽ معاشي سهڪار هڪ تاريخ آهي جيڪا گڏيل احترام ۽ علائقائي خوشحالي جي گڏيل جذبي تي ٻڌل آهي. هن پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي آسان بنائڻ جي حڪمت عملي تي روشني وڌي، هن پاڪستان جي ترڪمانستان سان سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ سهڪار جا نوان رستا ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير اشڪ آباد ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ڏي وٺ کي برقرار رکڻ ۽ پائيدار توانائي جي حل کي هٿي ڏيڻ لاءِ فني سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۽ وسيع علائقي لاءِ توانائي جي سلامتي ۽ معاشي خوشحالي حاصل ڪرڻ ۾ ٻه طرفي سهڪار جي اهميت تي اتفاق ڪيو.