اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) منصوبه بندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ماضي ۾ ڪيترائي اهم تعليمي منصوبا شروع ڪيا آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بلوچستان جي عوام کي انهن منصوبن بابت مڪمل آگاهي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن بلوچستان ۾ دهشتگرد گروپن جي سازشن کي ناڪام بنائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽرل ڊولپمنٽ ورڪنگ پارٽي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 2013ع کان 2018ع دوران مسلم ليگ (ن) جي حڪومت بلوچستان جي شاگردن لاءِ ملڪ جي بهترين يونيورسٽين ۾ 5000 اسڪالرشپس فراهم ڪيون جڏهن ته پي ڊي ايم حڪومت دوران وڌيڪ 5 هزار اسڪالرشپس فيز 2 ۾ ڏنيون ويون. هن هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي هڪ جامع ۽ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي وڃي ته جيئن هو هڪ مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان جو حصو بڻجي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي مثبت نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ انهن لاءِ اعليٰ تعليمي موقعا فراهم ڪيا وڃن، ان سلسلي ۾ هن يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز کي هدايت ڪئي ته هو علائقائي بنيادن تي يونيورسٽين ۾ گروهه بندي جي خاتمي لاءِ هاسٽلن ۾ شاگردن کي مختلف علائقن سان گڏ رهائش ڏين ته جيئن انهن ۾ يڪجهتي پيدا ٿئي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت نوجوانن جي بهتري ۽ انهن جي روشن مستقبل لاءِ هر وقت ڪوشان آهي ۽ انهن کي تعليمي ۽ ترقياتي منصوبن ذريعي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.