اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي هڪ متفقه پڌرنامي جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ ڪميٽي دهشتگردي کي ان جي سمورين شڪلين ۾ ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ رياست جي پوري طاقت سان ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ ۽ هڪ متفقه سياسي عزم تي زور ڏيندي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ قومي اتفاق جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ڪميٽي پروپئگنڊه ڦهلائڻ، پنهنجي پيروڪارن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ حملن کي ٺوس ڪرڻ جي لاءِ دهشتگرد گروپن پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي وڌندڙ غلط استعمال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان جي روڪٿام جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جو پڌرنامو پڙهي ٻڌايو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي سلامتي جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي دهشتگردي جي تازين ڪاررواين جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان گهري يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي دهشتگردي جي خاتمي جي آپريشنز جي انعقاد ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادري، شجاعت ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيندي دهشتگردي کي ان جي سمورين شڪلين ۾ ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي رياست جي پوري طاقت سان ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ ۽ هڪ متفقه سياسي عزم تي زور ڏيندي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ قومي اتفاق جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪميٽي دهشتگردن جي نيٽ ورڪس کي ختم ڪرڻ، لاجسٽڪ سپورٽ جي خاتمي ۽ دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳٺ جوڙ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ۽ عزم استحڪام جي حڪمت عملي تي فوري عملدرآمد تي زور ڏنو. ڪميٽي پروپئگنڊه ڦهلائڻ، پنهنجي پيروڪارن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ حملن کي ٺوس ڪرڻ جي لاءِ دهشتگرد گروپن پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي وڌندڙ غلط استعمال تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان جي روڪٿام جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏنو. ڪميٽي دهشتگردن جي ڊيجيٽل نيٽ ورڪس جي خاتمي جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ تي پڻ زور ڏنو. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ڪميٽي انهن جي قربانين ۽ ملڪي دفاع جي عزم جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج، پوليس، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ۽ انٽيلي جنس ايجنسين سان گڏ بيٺل آهي. ڪميٽي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دشمن قوتن سان ملي ڀڳت سان ڪم ڪندڙ ڪنهن به اداري، شخص يا گروهه کي پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. ڪميٽي مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن جي عدم شرڪت تي افسوس جو اظهار ڪندي ورجاءُ ڪيو ته ان بابت مشاورت جو عمل جاري رهندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، پارلياماني ڪميٽي جي ميمبرن، سياسي اڳواڻن، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، اهم وفاقي وزيرن ۽ فوج ۽ انٽيلي جنس ايجنسين جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اهو پڌرنامو منظوري جي لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي ۾ پيش ڪيو جنهن جي ڪميٽي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي.