حيدرآباد – 18 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه ڊويزنل ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد ارشاد علي چانڊيو کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر اطلاعات ميرپور خاص ڊويزن مقرر ڪيو آهي جڏهن ته ميرپور خاص مان شهزاد شيخ کي بدلي ڪري ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد ڊويزن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.