اسلام آباد -18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي معاون هارون اختر خان سان پاڪ سوزوڪي جي سي اي او هيروشي ڪاوا مورا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ – جاپان واپاري صنعتي لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. هارون اختر خان چيو ته پاڪستان آٽوموبائيل انڊسٽري ۾ جاپاني سيڙپڪاري کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان سوزوڪي کي هڪ وڏي ۽ اهم مارڪيٽ طور ڏٺو وڃي ٿو. وزيراعظم پاڪستان جي ويزن تحت ماحول دوست گاڏين کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو پيوو ڃي. هن چيو ته بائيو گيس ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي منصوبن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيوته اهي قدم پاڪستان ۾ صنعتي ترقي ۽ مقامي پيداوار کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. جاپان سان تعاون نه صرف ٽيڪنالاجي جي منتقلي پر ماحول دوست پاليسيون لاڳو ڪرڻ لاءِ به اهم هوندو.