اسلام آباد -18 مارچ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان وزيراعظم جي ماحولياتي تبديلي واري ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ملاقات ڪئي آهي. رومينه خورشيد عالم، وفاقي وزير کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو سامونڊي شعبي ۾ ماحولياتي تحفظ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي ۽ سامونڊي معاملن جي گڏيل رخن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ ماحولياتي استحڪام، سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ بندرگاهن، ماهيگيري جي شعبي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي قدمن تي زور ڀريو. وفاقي وزير ماحولياتي طور تي محفوظ پاليسين کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ۽ وزارت جي جاري قدمن تي روشني وڌي. هن بليو اڪانامي کي هٿي وٺرائڻ، تمر جي تحفظ ۽ سامونڊي گدلاڻ جي خاتمي جهڙن منصوبن جو به ذڪر ڪيو. هن بندرگاهي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال تي به زور ڀريو ته ڪاربن جي نيڪال ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي. رومينه خورشيد عالم سامونڊي وزارت جي معاملن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ماحول دوست پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۾ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ته حڪومت سمورن شعبن خاص ڪري سامونڊي معاملن سميت موسمياتي مزاحمت وڌائڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ته جيئن پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن بين الوزارتي تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ عالمي ماحولياتي ذميوارين سان هم آهنگ پاليسين جي جوڙجڪ تي به اتفاق ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ماحولياتي طور محفوظ سامونڊي پاليسين کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي سامونڊي ڪنارن جي شعبي ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.