اسلام آباد-16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ججه گروپ جي سربراهه عثمان ججه جي گرفتاري تي ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي همٿائيندي کين ملاقات لاءِ دعوت ڏني. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ طرفان آچر تي جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم انساني اسمگلر عثمان ججه کي گرفتار ڪندڙ انٽيليجنس بيورو ۽ ايف آءِ اي جي هر آفيسر ۽ اهلڪار کي 10، 10 لک روپيا انعام ڏنو. عثمان ججه 2024ع ۾ يونان ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪستانين جي موت جي ذميوارن ۾ مرڪزي ڪردار مان هڪ آهي. وزيراعظم کي ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو طرفان انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ جاري ڪارروائين بابت به آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انساني اسمگلنگ جي مڪروه عمل ۾ ملوث ماڻهن قيمتي جانين جي زيان ۽ پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجن ٿا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙن عنصرن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ادارا پنهنجون ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪن. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاء الله تارڙ، منشيات جي روڪٿام ۽ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.