اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوشڪي ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم فوتين جي درجن جي بلندي جي دعا ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار به ڪيو. هن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ کين هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان قسم جون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف اسانجي عزم کي ڪمروز نٿيون ڪري سگهن.