اسلام آباد -16 مارچ (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي نوشڪي بم ڌماڪي جي شديد مذمت ۽ متاثرن جي ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪندي واقعي جي متاثر ماڻهن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کڻڻ جي خاطري ڪرائي. پنهنجي پيغام ۾ هن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي پختي عزم کي ورجائيندي ان حملي کي وحشياڻو عمل قرار ڏيندي ان جي شديد مذمت ڪئي. گهرو وزير ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وحشيت جي انتها آهي، پنهنجي شهرين کي ان طرح جي ڪارروائين کان بچائڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي اجاگر ڪندي سيڪيورٽي اهلڪارن جي بهادري ۽ قربانين جي تعريف ڪئي، جن ڊيوٽي دوران پنهنجون جانيون قربان ڪيون، ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته قوم پنهنجي هيروز جي قربانين کي هميشه ياد رکندي.