اسلام آباد-16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گروهن جي اڳواڻ جي گرفتاري تي وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) ۽ انٽيليجنس بيورو جي آفيسرن جي تعريف ڪندي چيو آهي، ته انساني اسمگلنگ جي گندي ڏوهه جي ذميوار ڌرين جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ججه گينگ جي گرفتاري قابل تحسين آهي. انهن خيالن جو اظهار هن وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) ۽ انٽيليجنس بيورو جي عملدارن ۽ آفيسرن سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير ۽ گهرو سيڪريٽري به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ججه گينگ جي گرفتاري ساراهه جوڳي آهي. انساني اسمگلنگ جي ڌنڌي ۾ ملوث عنصرن نه صرف پاڪستان کي بدنام ڪيو آهي پر مراڪش ۽ يونان جي سامونڊي ڪنارن تي ٻيڙين ۾ سوار ڪيترائي ماڻهو ٻڏي زندگيون وڃائي ويٺا آهن. وزيراعظم چيو ته ڪجهه مهينن کان انهن ڏکوئيندڙ خبرن کان پوءِ هر جاءِ تي پاڪستان جو نالو کنيو پيو وڃي جنهن تي انتهائي شرمندگي ٿي هئي. هن چيو ته اهو ڪارو ڌنڌو مڪمل طور بند ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گهرو وزارت، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي جون اختياريون جيڪي انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، انهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته اوهان جي کنيل قدمن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اوهان کي ان طرح جي واقعن جي نقصان جو احساس آهي. هن چيو ته ٻيڙي ٻڏڻ جي واقعن سان ڪيتريون حياتيون ضايع ٿيون، ملڪ جي نيڪ نامي تي آڱر کنئي وئي، هن هدايت ڪئي ته پاڪستان جي عزت ۽ وقار جي بحالي ۽ بلندي لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون ڪتب آڻيو. ان تي پوري قوم اوهان لاءِ دعاڳو هوندي ۽ اوهان کي عزت به ملندي. وزيراعظم کي عثمان ججه نالي شخص جي گرفتاري جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته عثمان ججه 19 ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ انساني اسمگلنگ جو مرڪزي جوابدار هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف آءِ اي ۽ آءِ بي، جي اختيارين سان ڳالهائيندي آخر ۾ هڪ ڀيرو انهن کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته جنهن به ان سٺي ڪم ۾ حصو ورتو آهي ان کي هتي دعوت ڏئي گهرايو ويو ته قوم کي ٻڌائي سگهجي ته هنن انتهائي شاندار ڪم سرانجام ڏنو آهي. هن چيو ته اوهان سڀني پنهنجي ذميوارين جون گهرجون پوريون ڪندي وطن جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انساني اسمگلنگ جي تدارڪ جو ڪم جاري رکيو وڃي، پوري قوم ۽ مان اوهان جي مڪمل معاونت ڪنداسين ته جيئن انساني اسمگلنگ جي ڌنڌي کي مڪمل طور ختم ڪري سگهجي. ملاقات جي آخر ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري وزيراعظم سان لاڳاپيل اختيارين جو تعارف ڪرايو جڏهن ته سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ گهرو سيڪريٽري به ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات جي پڄاڻي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ جي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ آفيسرن کي روڪ انعام چيڪ ۽ شيلڊز به فراهم ڪيون. ملاقات دوران وزيراعظم کي انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان بريفنگ به ڏني وئي.