لاهور – 15 مارچ (اي پي پي) ريلوي جي وفاقي محمد حنيف عباسي سينٽرل پوليس آفيس ريلويز جو دورو ڪيو، ريلوي پوليس جي شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ جعفر ايڪسپريس سميت ريلوي پوليس جي ٻين شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي هن وطن عزيز جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا به ڪئي. وفاقي وزير سينٽرل پوليس ريلويز جي احاطي ۾ وڻ ڪاري مهم تحت هڪ ٻوٽو به لڳايو. دوري دوران چيف ايگزيڪٽو آفيسر ريلوي عامر بلوچ ۽ ريلوي پوليس جي آءِ جي محمد طاهر راءِ به هن سان گڏ هئا. پوليس جي چست جٿي کيس سلامي پيش ڪئي. آءِ جي ريلوي پوليس وفاقي وزير کي ريلوي پوليس جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ سيڪيورٽي جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير ريلوي پوليس جي خدمتن کي ساراهيندي انهن جي وڌيڪ بهتري لاءِ هدايتون به جاري ڪيون.