واشنگٽن – 15 مارچ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ڏکڻ آفريقا جي سفير ابراهيم رسول کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ايڪس تي پوسٽ ۾ ابراهيم رسول کي ريس بائٽنگ پوليٽيشن قرار ڏنو جيڪو آمريڪا ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان نفرت ڪري ٿو. هن چيو ته اسان وٽ هن سان ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ۽ ان ڪري کيس ناپسنديده شخصيت سمجهيو وڃي ٿو. هن ان قدم جو ڪو خاص سبب ناهي ٻڌايو پر پنهنجي پوسٽ کي بريٽ بارٽ جي هڪ مضمون سان جوڙي ڇڏيو جنهن جو عنوان هو ”ڏکڻ آفريقا جي سفير ابراهيم رسول، ٽرمپ عالمي اڇي نسل جي بالادستي جي تحريڪ جي قيادت ڪري رهيا آهن“.