ڪرائسٽ چرچ – 15 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ پنج ٽي 20 انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ 16 مارچ آچر تي هيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستاني وقت مطابق ميچ صبح سوا ڇهه وڳي شروع ٿيندي. ٽي 20 سيريز ۾ پاڪستان ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪري رهيو آهي. پاڪستان ٽيم ۾ شاداب خان، محمد حارث، عمير بن يوسف، حسن نواز، عبدالصمد، عرفان نيازي، خوشدل شاهه، عباس آفريدي، محمد علي، شاهين شاهه آفريدي، حارث رف، سفيان مقيم، ابرار احمد، جهانداد خان ۽ عثمان خان شامل آهن. پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ٽيم جي تياري سٺي آهي ۽ هو سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي. نيوزيلينڊ جي قيادت مائيڪل بريسويل ڪري رهيو آهي. نيوزيلينڊ جي ٽيم ۾ ست اهي رانديگر شامل آهن جن تازي ئي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کيڏي هئي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ هن وقت تائين 44 ٽي 20 انٽرنيشنل ميچون کيڏيون ويون آهن جن مان پاڪستان 23 ۽ نيوزيلينڊ 19 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته ٻه ميچون ڊرا ٿيون آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻئين ٽي 20 ميچ 18 مارچ، ٽئين 21 مارچ، چوٿين ميچ 23 مارچ جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 26 مارچ تي کيڏي ويندي.