ڪرائسٽ چرچ – 15 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي 20 سيريز جي شروعات کان اڳ آجياڻي واري روايتي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن شرڪت ڪئي. پي سي بي موجب نيوزيلينڊ جي ڪپتان مائيڪل بريسويل پاڪستاني ٽيم جي آجيان ڪئي، تقريب ۾ ڪرائسٽ چرچ جي قديمي موري قبيلي جي نمائندي پڻ شرڪت ڪئي. تفصيل موجب تقريب جي موقعي تي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ميزبانن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته تقريب ۾ شرڪت ۽ ثقافتي تبديلي جو حصو بڻجڻ اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته ڪرڪيٽ راند محبت، احترام ۽ روايت واري جذبي کي هٿي وٺرائي ٿي، تقريب ۾ ميزبانن پاڪستاني ٽيم کي موري قبيلي جي تاريخ، اهميت ۽ روايتن کان آگاهه ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنجن ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ آچر تي هيگلي اوول ۾ کيڏيو ويندو.