اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کنڊ جي ذخيره اندوزن ۽ هٿرادو طور کنڊ جي کوٽ پيدا ڪري قيمت ۾ اضافي جي ذميوار عنصرن جي خلاف سخت ترين ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي وڏي مقدار موجود آهي، مصنوعي طور تي بحران جي فضا پيدا ڪندڙن کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ کنڊ جي کپت ۽ پهچ ۽ مقرر قيمتن تي عام ماڻهو کي فراهمي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، راڻا تنوير حسين، احد خان چيما، علي پرويز ملڪ، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن سان گڏوگڏ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي کنڊ جي کپت ۽ پهچ ۽ موجوده قيمتن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته کنڊ ذخيرو ڪرڻ، قيمتن تي سٽو کيڏي ان ۾ مصنوعي اضافي جي ڪنهن کي هرگز اجازت نه ڏينداسين. ناجائز منافعي خورن، ذخيره اندوزن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کنڊ جي کپت ۽ پهچ تي سخت نظر رکي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شگر ملز سان کنڊ جي کپت ۽ پهچ جي نگراني جي لاءِ رابطا ٺوس ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جي وڏي مقدار موجود آهي، مصنوعي طور تي بحران جي فضا پيدا ڪندڙن کي قانون جي شڪنجي ۾ آندو وڃي، رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ عام ماڻهو جو مافيا جي هٿان قطعي طور استحصال ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز کي کنڊ جي مقرر قيمت تي عوام کي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.