اسلام آباد-14 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جي ايس پي پلس جي سهولت جي تجديد لاءِ يورپي دارالحڪومتن سان وڌيڪ فعال رابطن جي ضرورت آهي، جي ايس پي پلس ايندڙ سالن ۾ پاڪستان جو يورپي يونين سان واپاري لاڳاپن لاءِ اهم آهي. هن اها ڳالهه يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر راينا ڪيونڪا سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي اهم معاملن خاص طور يورپي يونين ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن پاڪستان ۾ يورپي ڪاروباري ادارن جي موقعن جو به جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن وڌندڙ ڪاروباري موقعن کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. ڊاڪٽر ڪيونڪا ٻُڌايو ته يورپي يونين پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ 300 کان وڌيڪ يورپي ڪمپنين جو احاط ڪيو آهي ۽ ان جي خيال ۾ وڌيڪ ڪمپنيون به هتي موجود آهن. ڊاڪٽر ڪيونڪا ناڻي واري وزير کي يورپي يونين مشن طرفان اسلام آباد ۾ مئي 25ع جي وچ ڌاري رٿيل ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري فورم ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني ۽ چيو ته فورم پاڪستان ۾ يورپي ڪاروباري سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ يورپي ڪاروباري ادارن کي ملڪ ۾ راغب ڪرڻ تي توجهه ڏيندي. هن چيو ته يورپي ڪمپنيون پاڪستان کي ڪاروباري موقعن لاءِ هڪ اهم مرڪز طور ڏسي رهيون آهن. ناڻي واري وزير، ڊاڪٽر ڪيونڪا جو ٿورو مڃيو ۽ فورم جي بندوبست جي حوالي سان کيس مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. ناڻي واري وزير فورم ۾ شرڪت ۽ اتي خطاب ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ هن عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت يورپي يونين کي پاڪستان ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ سميت منافعي جي وقت سر منتقليءَ کي يقيني بنائڻ جي حوالي سان ڀرپور ڪوششون جاري رکندي. ناڻي واري وزير يورپي ڪمپنين لاءِ فعال ۽ متحد ڪاروباري پليٽ فارم بنائڻ جي خيال جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ ان جي فرانسيسي ۽ هالينڊ جي ڪمپنين سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ناڻي واري وزير خاص طور جنرلائزڊ اسڪيم آف پريفرنسز پلس (جي ايس پي پلس) جي سهولتن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته هي سهولتون پاڪستان جي روانگي واپار جي اؤسر لاءِ اهميت رکن ٿيون. ناڻي واري وزير جي ايس پي پلس سهولت جي تجديد لاءِ يورپي دارالحڪومتن سان وڌيڪ فعال رابطن جي ضرورت تي به زور ڀريو ته جيئن جي ايس پي پلس سهولت جي تجديد سميت اهم واپاري معاملن تي تعميري ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح جا رابطا ايندڙ سالن ۾ پاڪستان جي يورپي يونين سان واپاري رابطن لاءِ اهم آهن. ڌُرين پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ۽ ٻنهي طرفن لاءِ هڪ ڪامياب ۽ مفيد ڪاروباري ماحول جي قيام جي اهميت تي اتفاق ڪيو.