اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير اتحاد المسلمين کي 5 سالن جي لاءِ غيرقانوني قرار ڏيڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب عوامي ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ناليوارو سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير اتحاد المسلمين جو بنياد به هڪ ٻئي ذڪر جوڳي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ مولانا محمد عباس انصاري رکيو هو جنهن 2022ع ۾ پنهنجي لاڏاڻي تائين ان جي سربراهي ڪئي. بيان موجب تازي فيصلي سان ڪالعدم ڪشميري سياسي پارٽين ۽ تنظيمن جو انگ 16 ٿي ويو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مختلف سياسي پارٽين ۽ تنظيمن تي پابندي هڻڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي عملدارن جي ٻٽي رويي جو هڪ ٻيو مظهر آهي. هن چيو ته اهو سياسي سرگرمين ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي خواهش جي عڪاسي ڪري ٿو، اهو جمهوري اصولن ۽ عالمي انساني حقن جي قانون جي سراسر بي ڌياني کي به ظاهر ڪري ٿو. ترجمان ڀارتي حڪومت کي اپيل ڪئي ته اها ڪشميري سياسي پارٽين تي هنيل پابنديون هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي.