ڪراچي-04 جولاءِ (اي پي پي) ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ، منفرد انداز رکندڙ لوڪ فنڪار علڻ فقير جي ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته علڻ فقير ڀٽائي سرڪار جي شاعري جو سفير ھو. علڻ فقير جو آواز ۽ سندس شخصيت سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻپ ھئي. سيد ذوالفقار علي شاھ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته علڻ فقير پنھنجي فن ۽ آواز وسيلي پنھنجي الڳ سڃاڻپ حاصل ڪئي. هن چيو ته علڻ فقير جھڙن ڪردارن موسيقي سميت ثقافت کي زنده رکڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي .