ڪراچي-04 جولاءِ (اي پي پي)ڪراچي ۾ لياري جي علائقي ۾ 5  ماڙ  رهائشي عمارت ڪرڻ سبب 7 ڄڻا فوت ،8 زخمي. تفصيل موجب لياري جي علائقي بغدادي ۾ جمعي ڏينهن 5 ماڙ رهائشي عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو فوت جڏهن ته 8 زخمي ٿيا آهن. ريسڪيو اهلڪارن موجب عمارت جي ڍير مان گهٽ ۾ گهٽ 7 لاش ڪڍيا ويا آهن ۽ 8 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڍير ۾ وڌيڪ ماڻهن جي ڦاٿل هجڻ جو خدشو آهي. في الحال ريسڪيو آپريشن جاري آهي. متاثر عمارت ۾ 6 ڪٽنب رهائش پذير هئا جن ۾ ڪيترن جي ئي عمارت جي ڍير ۾ دٻيل هجڻ جو اطلاع آهي.سول اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ 8 ڄڻن کي آندو ويو آهي. زخمين مان هڪ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي ٿي وڃي جنهن کي سول اسپتال جي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشر ڏکڻ موجب ڦاٿل ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ هن تصديق ڪئي ته ڊهي پيل عمارت ۾ 6 خاندان رهندا هئا.