ڪراچي-12 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان الڳ الڳ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. سنڌ جي گورنر جعفر ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. گورنر سنڌ دعا ڪئي ته الله تعالي سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي. گورنر سنڌ يرغمال ٿيلن کي جلد بازيابي لاء دعا ڪئي. بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير دهشتگردي جي جلد خاتمي لاءِ دعا ڪئي. بلوچستان جي گورنر چيو ته سيڪيورٽي فورسز 16 کان وڌيڪ دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، سرفراز بگٽي چيو ته پاڪ فوج خوارجين کي ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي، 100 کان وڌيڪ يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو آهي. ڪامران خان ٽيسوري بلوچستان حڪومت کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريندي دهشتگرن کي سخت سزا ڏيڻ جي سفارش ڪئي. دهشتگر معافي جي قابل ناهن. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ عوام ۽ سمورا رياستي ادارا متحد آهن.