اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان جي مختلف چيمبرز آف ڪامرس جي صدرن ملاقات ڪئي، هنن معاشي استحڪام تي حڪومتي ٽيم کي ساراهيو ۽ مشاورتي عمل جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سموريون وزارتون ۽ لاڳاپيل سيڪريٽريز چيمبرز آف ڪامرس سان مشاورت کانپوءِ انهن جي تجويزن تي پاليسي قدمن جي حڪمت عملي پيش ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان جي چيمبرز آف ڪامرس جي صدرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، حنيف عباسي، سردار اويس خان لغاري، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ پهرين ڪاميابي آهي، ملڪي ترقي جو سفر هاڻي شروع ٿيو آهي، معيشت جي ترقي جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل اولين ترجيح آهي، حڪومت توهان جو ڀرپور ساٿ ڏيندي، پاڪستاني ڪاروباري برادري مشڪل معاشي حالتن جي باوجود صنعت ۽ واپار جو سلسلو جاري رکيو، حڪومت ڪاروباري برادري جي سهولت جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ ٻين سڌارن سان ڪاروباري برادري کي سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون، فيس ليس ڪليئرنس سسٽم سان بندرگاهن تي ڪنٽينرز جي ڪليئرنس جي وقت ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي، واپاري برادري حڪومت جي ٽيڪس روينيو ۾ اضافي جي لاءِ سسٽم ۾ سڌارن تي پنهنجون تجويزون ڏي. وفد جي شرڪت ڪندڙن ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ معاشي استحڪام کانپوءِ ترقي طرف وڌي رهيو آهي، ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ پهريون ڀيرو حڪومتي سطح تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪاروباري برادري کي مشاورتي عمل خاص طور تي بجيٽ جي مشاورتي عمل ۾ شامل ڪرڻ خوش آئنده آهي، ان تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون. ملاقات ۾ چيمبرز آف ڪامرس جي صدرن مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي چيمبرز سان مشاورت کانپوءِ انهن جي تجويزن تي ٻڌل پاليسي قدمن جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.