اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب بلوچستان جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري، بجلي واري وزير، بجلي واري سيڪريٽري سميت ناڻي، بجلي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي سولرائيزيشن جي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ مالياتي ورڇ ۽ ٽرانسفارمرز بابت معاملا پڻ شامل آهن. هن پاڪستان جي آبادگارن جي لاءِ توانائي جي پائيدار حل جي لاءِ وفاقي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سمورن لاڳاپيل ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت جي ان اهم گڏيل قدم تي تيزي سان عملدرآمد ڪن.